آگرو

اتر پرديش، ڀارت ۾ شھر

آگرو شھر الھندي اتر پرديش (ڀارت) ، درياءِ جمنا جي ڪناري تي آباد آهي. هن شھر جو بنياد سڪندر لوڌيءَ وڌو هو، ڇو تہ ان کي آگري کي وچ هند جو مرڪز بنائي اڳتي وڌڻو هو. پوءِ اڪبر بادشاھ 1566ع ۾ آگري کي مغل سلطنت جي دارالحڪومت جي حيثيت سان منتخب ڪيو. يقيناً ان ڪري جو هن جون نظرون مالوي، راجپوتانا، گجرات ۽ دکن تي ڄميل هيون. پوءِ هو سيڪري ۾ سليم چشتي رحہ جو گهڻو معتقد ٿي ويو. سليم چشتي رحہ کان اولاد نرينہ جي دعا ڪرڻ لاءِ چيائين. جڏهن پٽ جي ولادت جو وقت ويجهو آيو تہ ديري لاءِ شيخ سليم چشتيءَ جي درگاھ وٽ محل جو انتظام ڪيو. شھزادو سليم اتي پيدا ٿيو. هن هنڌ کي اڪبر بابرڪت سمجهي سيڪري وٽ فتح پور جي نالي سان نئون دارالحڪومت ان ميدان تي قائم ڪيو، جتي بابر راڻي سنگا تي فتح حاصل ڪئي. فتح پور سيڪري آگري کان گهٽ ۾ گهٽ 30 ميلن جي فاصلي تي الهندي پاسي واقع آهي. ڪجهہ وقت دهلي ۽ آگرو ٻئي گڏجي دارالحڪومت رهيا، جڏهن شاهجھان دهليءَ ۾ لال قلعو ۽ ٻيون عمارتون تعمير ڪرائي نئون شھر ”شاھ جھان آباد“ جي نالي سان آباد ڪيو تہ آگري جي اهميت گهٽجي وئي پر آگري شھر جي شاهي عمارتن جو جواب نہ آهي. مثلن تاج محل، قلعو، موتي مسجد، جامع مسجد، اڪبر جو مقبرو (سڪندره نزد آگرو) وغيره، آگرو اهم ريلوي جنڪشن پڻ آهي. ”آگره يونيورسٽي“ علمي مرڪز جي حيثيت سان مشهور آهي.[1]

آگري ۾ تاج محل

حوالا

سنواريو
🔥 Top keywords: مُک صفحوٻين مھاڀاري جنگخاص:تازيون تبديليونوڪيپيڊيا:بابتخاص:ڳولاوڪيپيڊيا:عام غيرجوابدارينامووڪيپيڊياباب:ھاڻوڪا واقعاوڪيپيڊيا:نياتي بابسانچو:Taxonomy/ايوڊيڪاٽسسانچو:Taxonomy/سنگناٿسسانچو:Taxonomy/ونسسانچو:Taxonomy/اريٿرينٿسانچو:Taxonomy/مالنيواپرائيندڙ:JogiAsad/مضمونسانچو:Taxonomy/مليئيسانچو:Clickable button 2/دستاويزواپرائيندڙ:محمد مجیب/مک صفحو1سانچو:Taxonomy/يوانگليٽاسانچو:Taxonomy/پوليمونيياسيئيوڪيپيڊيا:اڄ جو قول/سڀسانچو:Taxonomy/يوميٽازوئامدد:مندرجاتسانچو:Taxonomy/پروٽيو بئڪٽيرياوڪيپيڊيا:اسان سان رابطو ڪريوسانچو:Taxonomy/اناليڊاسانچو:Taxonomy/مائريسٽيڪيچياءسانچو:Taxonomy/ڪور يوڊاڪاٽسوڪيپيڊيا:اڄ جو قول/مئيسانچو:مک صفحو بين الوڪيز/دستاويزسانچو:Taxonomy/سوئسا (Sousa)سانچو:Taxonomy/سنگناٿيفارمزسانچو:ڄاڻخانو يوزر/دستاويزسانچو:Taxonomy/ھيڪساپوڊاسانچو:This date in recent years/1stleapواپرائيندڙ بحث:Kaleem Bhatti/آرڪائيو 3سانچو:خبرن ۾/خاص-سُرخيوڪيپيڊيا:اڄ جو قول/جنوري 25سانچو:Taxonomy/اسڪئاليڊاءِ