برجنلينڊ (انگريزي: Burgenland ) آسٽريا جي آخري اوڀر ۾ واقع هڪ رياست جو نالو آهي جيڪا ملڪ جي سڀ کان گھٽ آبادي واري رياست آھي. ان ۾ ٻہ رياستي شھر، ست ٻھراڙيءَ وارا ضلعا ۽ 171 ميونسپالٽيون شامل آهن. ملڪ جي اوڀرندي پاسي اتر کان ڏکڻ طرف ھڪ 166 ڪلوميٽر ڊگھي سوڙھي ڦتيل وانگر واقع آھن. ان جي اوڀر کان ڏکڻ طرف وڏي ۾ وڏي ويڪر 5 ڪلوميٽر تائين آھي. ھي رياست پکيڙ ۾ ملڪ جي ٽين نمبر ننڍڙي رياست آهي جنھن جي ڪل ايراضي 3962 چورس ڪلوميٽر (1530 چورس ميل) آهي. رياست جو سڀ کان اوچو مقام ھنگري جي سرحد لڳ واقع گيشريبينسٽيئن (Geschriebenstein) نالي جبل آهي جنھن جي اوچائي 884 ميٽر (2900 فٽ) آھي. رياست جي سڀ کان ھيٺاھون مقام سمنڊ جي سطح کان 114 ميٽر (374 فٽ) بلندي تي واقع اپيٽلن واري ميونسپالٽي آھي جيڪا آسٽريا جو سڀ کان ھيٺاھون ھنڌ پڻ آهي. ھن رياست جي سرحد ڏکڻ اولھ ۾ اسٽيريا سان، اتر اولھ ۾ لوئر آسٽريا سان، اوڀر ۾ ھنگري سان، اتر ۾ سلوواڪيا سان، ڏکڻ ۾ سلووينيا سان ملي ٿي. برجنلينڊ جي رياستي اسيمبلي يا لينڊٽيگ جا 36 رڪن آھن. 26 جنوري 2020ع تي ھن رياست ۾ سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي 19 سيٽون کٽي واضع اڪثريت حاصل ڪئي. ھن رياست ۾ ڪل 9 ضلعا آھن جن مان ٻہ رياستي شھر آئزن اسٽڊٽ ۽ رسٽ شامل آهن ۽ ست ٻھراڙيءَ وارا علائقا آھن. لفظ برجنلينڊ جي معنيَ آهي قلعن جي سرزمين آهي. اتي قلعن جي وڏي تعداد ھجڻ ڪري اھو نالو پئجي ويو[2]. اھا آسٽريا جي واحد رياست آهي جيڪا آسٽريا جي آرچڊچي پاڪ رومي ايمپائر ۽ جرمن ڪنفيڊريشن جو حصو نہ رھي آھي.

برجنلينڊ
رياست
برجنلينڊ
جھنڊو
برجنلينڊ}}
قومي نشان
Location of برجنلينڊ
ملڪ  آسٽريا
گادي جو هنڌ آئزن اسٽڊٽ
حڪومت
 • گورنر ھنس پيٽر دوسڪوزيل (ايس پي او) (ايس پي او)
پکيڙ
 • ڪل 3,961.80 ڪ.م2 (1,529.66 ميل2)
آبادي (2020)
 • ڪل 294,466

حوالا

سنواريو
  1. "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2018-09-13. 
  2. Roraff, Susan (2011). CultureShock! Austria: A Survival Guide to Customs and Etiquette. Tarrytown, New York: Marshall Cavendish Corporation. pp. 263. ISBN 978-0-7614-6051-0. 
🔥 Top keywords: مُک صفحوخاص:تازيون تبديليونٻين مھاڀاري جنگوڪيپيڊيا:اسان سان رابطو ڪريووڪيپيڊيا:عام غيرجوابداريناموخاص:ڳولامدد:مندرجاتوڪيپيڊيا:نياتي بابوڪيپيڊيا:بابتعبدالقادر جيلانيزمرو:افغانستانوڪيپيڊيا:ھاڻوڪا واقعامدد:تعارفمدد:فهرستخاص:ورزن/License/Scribuntoوڪيپيڊيا:وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو/2021خاص:ورزن/License/ContentTranslationوڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2020/مهينو ڊسمبروڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2020/مهينو نومبرخاص:ورزن/License/DiscussionToolsباب:سنڌ/وڪي پيڊيا علائقي ٻولين ۾خاص:ورزن/Credits/EventLoggingوڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2021/مهينو مارچوڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2023/مهينو آگسٽخاص:ورزن/License/TwoColConflictوڪيپيڊيا:وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو/2022/ڀاڱيداروڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2021/مهينو جولاءِوڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو مارچوڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2022/مهينو فيبروريواپرائيندڙ:ReyBrujo/Dumps/20070407واپرائيندڙ:ReyBrujo/Dumps/20070420/Articles with more than 5 external linksخاص:ورزن/License/MinervaNeueوڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2019/مهينو اپريلخاص:ورزن/License/GeoDataباب:هاڻوڪا واقعا/آگسٽ 2018وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2024/مهينو جنوريخاص:ورزن/Credits/ConfirmEditوڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2022/مهينو مارچخاص:ورزن/License/Kartographer