روجھ
روجهہ (Nilgai) جابلو ۽ ريگستاني جانور آهي. هن کي جابلو ڳئون بہ سڏيو ويندو آهي. سائنسي ٻوليءَ ۾ Boselaphus Tragocamelus چوندا آهن.
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/8/8e/Nilgai_in_Ranthambore.jpg/220px-Nilgai_in_Ranthambore.jpg)
جسم جي بناوٽ
سنواريوروجهہ جو رنگ عام طرح ڪارو، ڀورو ۽ ڳاڙهو ٿيندو آهي. ان جي جسماني بناوت ڳئون جھڙي ٿيندي آهي ۽ ان جي ڳچيءَ تي ننڍا وار ٿيندا آهن. نر روجهہ جي مٿي تي ڪارا سڱ ٿيندا آهن. هي جانور عام طور ٽولن جي صورت ۾ گهٽ گهمندو آهي. اڪثر اڪيلو گهمندو آهي. صبح شام چاري لاءِ ڦرندو رهندو آهي.
نسل جي واڌويجھ
سنواريومادي روجهہ 2 سالن ۾ بالغ ٿيندي آهي ۽ نر 4 کان 5 سالن ۾ بالغ ٿيندو آهي. ھونئن تہ سڄو سال ميلاپ ڪري سگهن ٿا پر نومبر جي وچ کان مارچ تائين هنن جي لڳ جي مند آهي. روجهہ جي مادي، اٺن مهينن ۾ ٻچا ڄڻيندي آهي، جيڪي پيدائش وقت ڪمزور هوندا آهن. روجهہ نيم صحرائي علائقن ۾ بہ ملي ٿو. هن جي طبعي عمر 10 سال آهي.
تصويرون
سنواريو- روجهہ وڙهندي
- روجهہ صحرا ۾ گهمندي
- روجهہ اڪيلو چرندي
- روجهہ آرام ڪندي
- روجهہ اڪيلي گهمندي
- روجهہ هوشاري ٿيندي
- روجهہ آرام ڪندي
- روجهہ پاڻي ۾
روجهہ بابت شاعري
سنواريوشاھ لطيف، سُر ديسيءَ ۾ روجهہ جو ذڪر ڪيو آهي:
- ’روجهہ‘ ڏٺائين رات، هوت ڳوليندي حَب ۾،
- ڪيچين جي ڪڙي ٿيئي، توءِ تنين جي تات،
- ٻاروچاڻي ذات، منان مون نه وسري.
🔥 Top keywords: مُک صفحوٻين مھاڀاري جنگخاص:ڳولاحجازوڪيپيڊيا:بابتوڪيپيڊيا:عام غيرجوابداريناموخاص:تازيون تبديليونوڪيپيڊياوڪيپيڊيا:نياتي بابمدد:تعارفمدد:مندرجاتوڪيپيڊيا:اسان سان رابطو ڪريووڪيپيڊيا:ھاڻوڪا واقعامدد:فهرستوڪيپيڊيا:مندرجاتوڪيپيڊيا:ديوان عامباب:ھاڻوڪا واقعاباب:سعودي عربوڪيپيڊيا:وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو/2021باب:هاڻوڪا واقعا/آگسٽ 2018خاص:مون سان ڳالههواپرائيندڙ:ReyBrujo/Dumps/20070407سانچو:اڄ جو لفظ/1سعودي عرب جا صوباوڪيپيڊيا:وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو/2022/ڀاڱيدارمدد:صفحو ڄاڻخاص:منهنجون ڀاڱيداريونزمرو:Articles with short descriptionوڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2021/مهينو جولاءِپاڪستانوڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2021/مهينو فيبروريوڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2020/مهينو ڊسمبرسانوڻ ٽيجمڪہ صوبوميڊياوڪيوڪيپيڊيا:مشق پٽيسنڌي ٻوليوڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2019/مهينو اپريلوڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2019/مهينو آڪٽوبر