ملائيشيا جون رياستون ۽ وفاقي علائقا

ملائيشيا جون رياستون ۽ وفاقي علائقا ملائيشيا جي پرنسپل انتظامي تقسیم آهن. ملائيشيا 13 رياستن (Negeri) ۽ 3 وفاقي علائقا (Wilayah Persekutwan) جو وفاق آهي. انهن مان ٻه رياستون؛ صباح ۽ سرواڪ ته بلڪل پري بورنيو ٻيٽ جي اتر ۾ آهن جن مان هڪ اوڀر ملائيشيا ۽ ٻيو اولهه ملائيشيا (Peninsular Malaysia) جيڪو ٿائلنڊ سان مليل آهي.

رياستون ۽ وفاقي علائقا

سنواريو

يارهن رياستون ۽ ٻه وفاقي علائقا جزیري نما ملائيشيا تي واقع آهن، جن کي مجموعي طور تي جزیري نما ملائيشيا (Semenanjung Malaysia) يا اولھہ ملائيشيا سڏيو وڃي ٿو. ٻه رياستون بورنيو جي ٻيٽ تي آهن، ۽ باقي وفاقي علائقو بورنيو جي آف شور ٻيٽن تي مشتمل آهي؛ انهن کي مجموعي طور تي ايسٽ ملائيشيا يا ملائيشيا بورنيو سڏيو ويندو آهي. ملائيشيا جي 13 رياستن مان 9 بادشاهتون آهن.

رياستون

سنواريو
جھنڊونشانریاستگاديء جو ھندسڀ کان وڏو شهرشاهي راڄڌانيآبادي[1]ايراضي (اسڪوائر ڪلوميٽر)[2]لائسنس پليٽعلائقي جو ڪوڊمخففISOHDI[3]علائقورياست جو سربراههحڪومت جو سربراهه
جوهورجوهور باروموار3,794,00019,166J07, 06 (موار ۽ تانگوڪ)JHRMY-010.825ٻيٽ ملائيشياسلطانمنتري بيسار
ڪيداہالور سيٽارسُنگائي پيٽانيانيڪ بکيٽ2,194,1009,492K04KDHMY-020.808ٻيٽ ملائيشياسلطانمنتري بيسار
ڪيلانٽانڪوٽا ڀاروڪبانگ ڪيريان1,928,80015,040D09KTNMY-030.779ٻيٽ ملائيشياسلطانمنتري بيسار
ملاڪاملاڪا شهر937,5001,712M06MLKMY-040.835ٻيٽ ملائيشيايانگ دي پرتوا نیگري (گورنر)وزيراعلي
سمبيلاننگري سمبيلان

سيرمبان

سري میناتی1,129,1006,658N06NSNMY-050.829ٻيٽ ملائيشيايانگ دي پرتوان بيسار

(عظيم حڪمران)

منتري بيسار
پهانگڪوانٽانپیڪان1,684,60035,965C09, 03 (Genting Highlands), 05 (Cameron)PHGMY-060.804ٻيٽ ملائيشياسلطانمنتري بيسار
پينانگجارج ٽائونسيبیرانگ پيرائي1,774,4001,049P04PNGMY-070.845ٻيٽ ملائيشيايانگ دي پرتوا نیگري (گورنر)وزيراعلي
پیراڪاپوہڪوالا ڪانگسار2,508,90021,146A05PRKMY-080.816ٻيٽ ملائيشياسلطانمنتري بيسار
پرلسڪنگارآراءُ255,400819R04PLSMY-090.805ٻيٽ ملائيشياراجامنتري بيسار
صباحڪوٽا ڪینابالو3,833,00073,621S087–089SBHMY-120.710اوڀر ملائيشيايانگ دي پرتوا نیگري (گورنر)وزيراعلي
سارواڪڪچنگ

پريميئر

2,822,200124,450Q081–086SWKMY-130.745اوڀر ملائيشيايانگ دي پرتوا نیگري (گورنر)00پريميئر
سيلانگورشاهه عالمپيٽالنگ جاياڪلانگ6,555,4007,951B03SGRMY-100.863ٻيٽ ملائيشياسلطانمنتري بيسار
تیرينگانوڪوالا ٽيرينگانو1,275,10012,958T09TRGMY-110.800ٻيٽ ملائيشياسلطانمنتري بيسار

وفاقي علائقا

سنواريو
جھنڊونشانوفاقي علایقوگاديء جو ھندآبادي[4]ايراضي

(چورس ڪلوميٽر) [5]

لائسنس پليٽعلائقي جو ڪوڊمخففآئي ایس اوایچ ڊي آئي [6]علایقورياست جو سربراههحڪومت جو سربراهه
ڪوالالمپور1,746,600243W / V03KULMY-140.867ملائيشيا جزیري نمايانگ دي پرتوان اگونگميئر
لوبانوڪٽوريا100,10092L087LBNMY-150.784اوڀر ملائيشيالوبان ڪارپوريشن جو صدر
پتراجايا116,10049F03PJYMY-160.877ملائيشيا جزیري نماپتراجايا ڪارپوريشن جو صدر

گورننس

سنواريو

انهن رياستن مان ملاڪا ۽ پينانگ کي ڇڏي باقي سڀني رياستن جو پنهنجو پنهنجو والي (سلطان) آهي.

1959ع جي جنرل اليڪشن بعد بائڪئميرل پارليامينٽ ٺاهي ويئي. بادشاه (راجا) کي ملڪ جو وڏو مڃيو ويو ۽ ميمبرن جا ٻه هائوس (ديوان) ٺاهيا ويا. ديوان رعيت (House of representatives) ۽ ديوان نگارا (سينيٽ). 1982ع کان ڇهين پارليامينٽ هلي رهي آهي. پرائيم منسٽر امنو (Umno) پارٽيءَ جو محمد مهاتر آهي ۽ ملڪ جو وڏو يعني بادشاهه جوهور رياست جو سلطان آهي. (هن کان اڳ پهانگ رياست جو سلطان، سڄي ملڪ جو راجا هو.) پنجن سالن لاءِ واري وٽيءَ تي هر هڪ رياست جو سلطان سڄي ملڪ جو والي/ بادشاهه Yang di Pertuan Agong ٿيندو آهي. هو وزير اعليٰ ۽ ڪئبينيٽ جي صلاح مصلحت سان ڪم ڪندو آهي. فيڊرل ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن مقرري پڻ ڪندو آهي.

ديوان رعيت ( ميمبرن جي اسيمبلي) ۾ 154 ميمبر ٿين. جن مان 114 اولهه ملائيشيا مان چونڊيا ويندا آهن ۽ چاليهه اوڀر ملائيشيا مان (چوويهه سراواڪ مان ۽ سورهن صباح مان). اسيمبليءَ جو مدو پنجن سالن جو ٿئي. ديوان نگارا (سينيٽ) ۾ اٺونجاهه ميمبر ٿين جن مان ڇويهه چونڊيا ويندا آهن ۽ ٻٽيهه ائين ئي کنيا ويندا آهن. [7][8]

تاریخ

سنواريو

سال 1895ع تائين ته هر رياست ڌار ڌار هئي، اها ٻي ڳالهه آهي ته سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح سڀني مٿان هلندي انگريز جي هئي جو هندوستان، سلون، برما، هنگ ڪانگ وانگر هي ملايا وارو علائقو، بورنيو ٻيٽ، سنگاپور وغيره جو اصلي حاڪم انگريز ٿي چڪو هو.

سال 1895ع ۾ انهن مان چئن رياستن:پيراق، سلانگر، پهانگ ۽ نگري سيمبيلا گڏجي هڪ ڪانفيڊريشن ٺاهي جيئن اڳتي هلي فيڊرل حڪومت لاءِ رستو هموار ٿي سگهي. پر هن معاهدي کان سواءِ ڪو ٻيو اهڙو وچ جو قانون (ليجسليچر) نه ٺاهيو ويو، جيڪو چئني گڏ ٿيندڙ رياستن جو نظام هلائي سگهي. هر رياست کي قانون ٺاهڻ يا هلائڻ لاءِ پنهنجي رياستي قانون موجب هلڻو پيو ٿئي. تان جو 1909ع ۾ پارلياماني بنياد تي سينٽرل ليجسليچر سان گڏ فيڊرل ڪائونسل ٺاهي ويئي. فيڊرل ڪائونسل تيرهن کنيل (ناميٽيڊ) ميمبرن جي اسيمبلي هئي، جنهن ۾ چار ته رياستن جا والي (سلطان) ٿي ويا، چار انگريز ريزيڊينٽ ۽ هڪ ريزيڊينٽ جنرل ۽ چار غير سرڪاري ماڻهو ميمبر ٿيندا هئا. جن کي تن ڏينهن جو هاءِ ڪمشنر سر فرئنڪ سويٽنهام مقرر ڪندو هو.

ارڙهن سالن کان پوءِ 1927ع ۾، فيڊرل ڪائونسل ۾ ڪجهه تبديليون آنديون ويون، جن موجب رياستن جي سلطانن کي ڪڍي انهن جي جاءِ تي چار غير سرڪاري ميمبر رکيا ويا. ان کان پوءِ به وقت بوقت ميمبرن جي تعداد ۽ نوعيت ۾ تبديليون اينديون رهيون. پر ڪائونسل جا ميمبر نامينيشن ذريعي چونڊيا ويندا هئا. اهو سلسلو ٻي وڏي لڙائيءَ جي شروعات (ڊسمبر 1941ع) تائين رهيو.

1948ع ۾ انگريزن جي ائڊوائيزري ڪائونسل بدران فيڊرل ليجسليٽوَ ڪائونسل کي وجود ۾ آندي وئي. جنهن مطابق يارهن ئي رياستن (ملاڪا ۽ پينانگ سميت) مان ميمبر کنيا ويا ۽ کين مختلف ڪم (Portfolios) سوپيا ويا. هن ڪائونسل ۾ ٽن حصن مان ٻه حصا سرڪاري ميمبرن جا رکيا ويا.

اهڙي طرح هتي جي عوام ۾ آهستي آهستي سڄاڳي ايندي ويئي. 1955ع ۾ پهرين پارليماني اليڪشن ٿي، جنهن ۾ اٺانوي ميمبر چونڊيا ويا. تنڪو عبدالرحمان پهريون چيف منسٽر ٿيو ۽ 1956ع کان هن ملايا جي آزاديءَ مهم هلائي ۽ 31 آگسٽ 1957ع تي ملايا آزاد ٿيڻ جو اعلان ڪيو. تنڪو عبدالرحمان آزاد ملايا جو پهريون پرائيم منسٽر ٿيو. نگري سيمبيلان جو سلطان سڄي ملايا جو هيد آف اسٽيٽ “راجا” چونڊيو ويو. سندس نالو پڻ عبدالرحمان هو.

صباح ۽ سراواک

سنواريو

سنگاپور ۽ برونائي

سنواريو

پڻ ڏسو

سنواريو

خارجي لنڪس

سنواريو

حوالا

سنواريو
  1. "Population of States from Ministry of Statistics". Ministry of Statistics of Malaysia. حاصل ڪيل 11 August 2021. 
  2. "Laporan Kiraan Permulaan 2010". Jabatan Perangkaan Malaysia. صفحو. 27. وقت 27 December 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 24 January 2011.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. "Subnational Human Development Index (2.1) [Malaysia]". Global Data Lab of Institute for Management Research, Radboud University. حاصل ڪيل 1 November 2020. 
  4. "Population of States from Ministry of Statistics". Ministry of Statistics of Malaysia. حاصل ڪيل 11 August 2021. 
  5. "Laporan Kiraan Permulaan 2010". Jabatan Perangkaan Malaysia. صفحو. 27. وقت 27 December 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 24 January 2011.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  6. "Subnational Human Development Index (2.1) [Malaysia]". Global Data Lab of Institute for Management Research, Radboud University. حاصل ڪيل 1 November 2020. 
  7. ڪتاب: ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه، ليکڪ: الطاف شيخ
  8. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-07-30